سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف

سئلبئنڪ جوزف/ سالبئنڪ جوزف: هي هڪ مشهور انگريز سيلاني ٿي گذريو آهي. 1609ع ۾ ايران ۽ ترڪي گهمندو، اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو. ان دؤر ۾ هندستان وانگر سنڌ تي به مغلن جو راڄ هو. جوزف هڪ ذهين سياح طور سنڌ جي هر هڪ شيءِ جو مطالعو ڪيو. مختلف شهرن ۽ اتي جي عوام ۽ پيدائش بابت حال احوال لکيائين. روهڙيءَ بابت لکي ٿو ته: ”هارين ۽ ڏکويلن جو شهر آهي، جيڪي واپار ۾ رُڌل رهن ٿا. سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻئي تجارتي مال جو واپار ڪن ٿا. ملڻ جلڻ ۾ ڀلا آهن. درياهه جي ٻئي طرف ٻيڙا بيٺل آهن، جن تي پنجاهه کان سٺ ٽن بار لڏيل آهي. هي ٻيڙا هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويندا.“ هو سکر بابت راءِ رکي ٿو ته ”هتي گهڻي آبادي ڪورين ۽ رنگريزن جي آهي.“ جوزف وڌيڪ لکي ٿو ته: ”سنڌ ملڪ ۾ شيون گهڻي انداز ۾ ۽ سستن اگهن تي ملن ٿيون. انهن ۾ اوچو سوٽي ڪپڙو، عاليشان پٿراڻيون، غاليچا ۽ ريشم جو ٻيو سامان آهي. بئنٽر ۽ ماليوڪس ۾ انهن شين مان ڪيترن ئي شين جو ڏاڍو سٺو واپار هلي سگهي ٿو. ان کانسواءِ هتي آفيم جا به وڏا ذخيرا آهن ۽ بئنٽم توڙي ٻين حصن ۾ به ان جي وڏي طلب آهي. هت ٺهندڙ ٻيون دوائون به اسان جي ملڪ ۾ مقبول ٿي سگهن ٿيون. هتي جا ماڻهو ڏاڍا ڀلا آهن ۽ واپار ۾ وڏي دلچسپي رکن ٿا.“ جوزف جي وڌيڪ راءِ هئي ته، ”سنڌو درياهه ۾ چاليهه پنجاهه ٽن وزن کڻڻ جهڙا ٻيڙا هر وقت تيار رهن ٿا. اهي واپاري مال نه رڳو هندستان، پر دنيا جي ٻين علائقن ڏانهن به کڻي وڃن ٿا. سئلبئنڪ جوزف جو سنڌ متعلق لکيل مواد ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي ۽ ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ پنهنجن ڪتابن ۾ سٺي طريقي سان ڪتب آندو آهي. سنڌ جي نامياري مؤرخ دادا سنڌي (مرحوم) پنهنجي ڪتاب ’سنڌ گهمندڙ سيلاني‘، (سنڌي ادبي بورڊ: 2009ع) ۾ جوزف جي ڪتاب مان اڻ سڌيءَ طرح حوالا ڏنا آهن، جنهنڪري پاڻ اسان تائين درست ڄاڻ پهچائي نه سگهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو